نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم شهباز شريف جي آمريڪي ??در جو بائيڊن سان سندس پاران عالمي اڳواڻن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي جي موقعي تي مختصر ڳالهه ٻولهه ٿي، آمريڪي ??در پاران اهو آجياڻو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي ڏنو ويو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر بعد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته وز??را??ظم شهباز شريف ۽ آمريڪي ??در جو بائيڊن جي وچ ۾ ٿيندڙ مختصر ڳالهه ٻولهه مثبت ۽ تعميري هئي. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپا ٺوس بنيادن تي قائم ره??ا آهن. هن چيو ته عالمي اڳواڻ?? پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي همدردي ۽ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو ۽ هاڻي ان جذبي کي ٺوس قدمن ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي ته جيئ?? پاڪستان ٻوڏ سان وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي کانپوءِ بحالي ۽ بهتر تعمير طرف وڃي سگهي. حنا رباني کر چيو ته اسان موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ غيرمعمولي برساتن ۽ ٻوڏ سان نقصانن بابت عالمي برادري کي ڀرپور طريقي سان آگاهه ڪيو آهي.