اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان هڪ ڪالعدم تنظيم پاران ملڪ ۾ ٻوڏ بابت امدادي ڪمن بابت هڪ ڀارتي خابرو اداري پاران پنهنجي خبر ۾ هنيل الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته اهو رڳو پاڪستان جي خلاف ڀارتي تعصب ۽ عا??مي سطح تي ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ جي ڀارت جي مسلسل ڪوششن جو حصو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ائين پهريون ڀيرو ناهي ٿيو ته ڀارتي ميڊيا سياسي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ بي بنياد ۽ ههٿ ٺوڪيون خبرون پکيڙڻ ??و مظاهرو ڪيو آهي. ترجمان چيو ته اها بدقسمتي آهي ته عا??مي برادري هڪ غيرمعمولي قدرتي آفت جي ڏس ۾ پاڪستان جي مدد ڪري رهي آهي جڏهن ته ڀارتي ميڊيا جا ڪجهه عنصر امدادي س??گر??ين تي شڪ ۽ شبها پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ر??يا آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان غيرمنافعو ڏيندڙ ۽ غيرسرڪاري تنظيمن پاران ٻوڏ بابت امدادي س??گر??ين جي نگراني جي لاءِ مضبوط، ريگيوليٽري ۽ نگراني جو طريقيڪار جوڙيو آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ سمورا لاڳاپيل ادارا ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ چوڪس آهن ته امدادي س??گر??ين جي آڙ ۾ ڪا غيرقانوني س??گر??ي نه ٿئي.