اسلام آباد -14 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ برطانيه جي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسٽين ٽرنر پاڪستان جي 75هين ڊائمنڊ جوبلي يوم آزادي جي موقعي تي س??ني پاڪستانين نالي پنهنجي ??ط ۾ چيو آهي، ته دنيا جي ٻين ملڪن جي سفارتڪارن وانگر منهنجي به پاڪستان ۾ مقرري ٿي، مان ڏٺو ته پاڪستان هڪ عظيم ملڪ آهي، 14 آگسٽ تي پاڪستان جي قيام جا 75 سال مڪمل ٿيا آهن. ۽ پاڪ برطانيه سفارتي لاڳاپن کي به ايترو ئي عرصو ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان ۾ خدمتن جي فراهمي هڪ اعزاز آهي. هن چيو ته ان موقعي تي پنهنجي ??ط ۾ اهو تسليم ڪيان ٿو ته پاڪستان ۾ مون سميت پر??يهين سان بهترين سلوڪ ڪيو پيو وڃي ۽ اسان کي اجنبي هئڻ جو احساس نه پيو ٿئي. پنهنجي ??ط ۾ هن پاڪ برطانيه ڊگهي سفارتي، اقتصادي ۽ عوامي لاڳاپن جا تفصيل به پيش ڪيا. پنهنجي خط جي آخر ۾ ڊاڪٽر ڪرسٽين ٽرنر لکيو ته پاڪستان ۽ برطانيه گڏ آهن. ”اسان گڏ 75هين سالگره تي تمام گهڻي مبارڪباد ڏيون ٿا.“