??سل??م آباد – 30 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ سوئيٽزرلينڊ جي وچ ۾ ڌرين جي گڏيل مشاورت کانپوءِ آزاداڻي معاهدي تي جلد صحيحون ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ??عاهدي سان واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ بهتر ۽ تيز رفتار تعاون جو باضابطا فريم ورڪ ملندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار سوئيٽزرلينڊ جي عهدو ڇڏيندڙ سفير بينيڊڪٽ ڊي سرجٽ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته عالمي برادري ڀارت ۾ وڌندڙ ??سل??مو فوبيا ۽ شدت پسندي جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي، عالمي برادري ڀارت ۾ اقليتن کي ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ ۽ ??سل??مو فوبيا سان واڳيل تشدد جي واقعن کي روڪڻ جي ل??ءِ بامعنيٰ قدم کڻي. صدر چيو ته دنيا جي ڪنهن به حصي مان ايندڙ پناهگيرن سان هڪ جهڙو سلوڪ ڪرڻ گهرجي، پناهگيرن کي رنگ، ??سل?? مذهب يا علائقي جي فرق کانسو??ءِ سهولتون ۽ پناهه ڏيڻ گهرجي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي برادري تڪرارن جو شڪار ملڪن ۾ ڇڪتاڻ ۽ بدامني کي گهٽ ڪرڻ جي ل??ءِ عملي قدم کڻي، ڇڪتاڻ جو شڪار ملڪن ۾ امن جي ل??ءِ سازگار حالتون پيدا ڪيون وڃن ته جيئن انهن جي آبادي کي پناهگير بڻجڻ کان روڪي سگهجي. صدر چيو ته ??ناهگيرن جي انگ ۾ گهٽتائي آڻڻ سان ميزبان ملڪن تي بار گهٽ پوندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??اڪستان سياحت ۽ مهمان نوازي جي شعبن ۾ سوئيٽزرلينڊ جي تجربي مان فائدو کڻي سگهي ٿو. صدر اميد ظاهر ڪئي ته عهدو ڇڏيندڙ سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياحت بابت تعاون جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي ل??ءِ ڪم ڪندو، پاڪستان معيشت ۽ واپار ۾ سوئيٽزرلينڊ سان ڊگهي مدي واري حصيداري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. صدر چيو ته ??اڪستان ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ سوئيٽزرلينڊ جي ڪردار کي ساراهي ٿو. هن سوشل ميڊيا ذريعي پاڪستان جي سافٽ اميج کي فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ سفير جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته سوئيٽزرلينڊ پاڪستان ۾ فوڊ پروسيسنگ، فارماسيوٽيڪل، ڪيميڪل ۽ انجنيئ??نگ جي شعبن ۾ ڇهون وڏو سيڙپڪار آهي. صدر عهدو ڇڏيندڙ سفير کي پاڪستان ۾ ڪامياب مدو مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني.