اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان نيسلي جي هيڊ آف ڪارپوريٽ افيئرز وقار احمد ۽ جنرل مينيجر عبدالله جاويد ملاقات ڪئي جن??ن ۾ نيسلي پاڪستان افغانستان ۾ ٻوڏ متاثرين لاءِ وزيرا??ظم شهباز شريف جي هدايت تي امدادي شيون پهچائڻ جي قدمن تي وزيرا??ظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب نيسلي واٽر پاران حڪومت پاڪستان جي ان بهترين قدم ۾ پنهنجو حصو ملائيندي 60 هزار ليٽر پيئ?? جو پاڻي افغانستان ۾ تازي ٻوڏ متاثرين لاءِ عطيو ڪيو ويو، عطي?? ٿيل پيئ?? جو صاف پاڻي ٻوڏ متاثرين کي موذي بيمارين کان بچاءُ ۾ مدد فراهم ڪندو. وزيرا??ظم شهباز شريف نيسلي پاران ان فلاحي ڪم کي قابل تحسين قرار ڏنو.