اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) اطلاع??ت ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته چورن جي ٽولي جو وڏي واڪي مطالبو هو ته ٻاهرين سازش جي حوالي سان خط پ??رل??امينٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ جڏهن خط پ??رل??امينٽ جي قومي سلامتي ڪم??ٽي ۾ بريفنگ جي دعوت ڏني ته مير صادق ۽ مير جعفر ڀڄي ويا، قومي سلامتي ڪم??ٽي جي پڌرنامي کانپوءِ انهن ماڻهن لاءِ شرم جو مقا?? آهي جيڪي پاڪستان ۾ حڪومت جي تبديلي لاءِ ٿيندڙ ٻاهرين سازش کي ڪوڙ چئي رهيا هئا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پ??رل??امينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ پنهنجي سيريز آف ٽوئيٽ ۾ ڪيو، مملڪتي وزير چيو ته مخالف ڌر جو مير صادق ۽ مير جعفر وارو ڪردار قوم جي سامهون اچي ويو آهي، مخالف ڌر خط کي پ??رل??امينٽ ۾ آڻن واري مطالبي تي به قائم نه رهي ۽ ڪم??ٽي جي سامهون جڏهن معاملو پيش ڪيو ويو ته اهي ڀڄي ويا ۽ انهن جي اها سازش بي نقاب ٿي وئي، مملڪتي وزير چيو ته ان سرڪس مان صاف واضح ٿي ويو آهي ته اهي مليل آهن، هن چيو ته ٻاهرين سازش سان هارس ٽريڊنگ لاءِ 15 ارب روپيا اڇلايا ويا، هن چيو ته اسان به ائين ڪريون ها ته 172 کان به وڌيڪ ماڻهو اسان سان گڏ هجن ها. مملڪتي وزير ڪپتان ان ٻاهرين سازش جي خلاف ڄمي بيٺل آهي، هڪ سوال جي جو??ب ۾ هن چيو ته اڃان تائين پنج اوور باقي آهن، تمام جلد اهم فيصلا ٿيڻا آهن، بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيندي، قوم جو اعتماد وزيراعظم عمران خان سان گڏ آهي.