اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علو?? چيو آهي ته پاڪستان ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ صلاحيت رکي ٿو، ٽيڪنالاجي جو استعمال انسانيت جي ترقي لاءِ ٿيڻ گهرجي، ڀارت پاران ميزائل پاڪستان اچڻ انتهائي غيرذميداراڻو فعل آهي، غيرذميداراڻا قدم ڪنه?? به وڏي تباهي جو سبب بڻجي سگهن ٿا، اسان جي پهرين ترجيح ملڪي دفاع کي مستحڪم بڻائڻ آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان اسپيس اينڊ اپر ايٽموسفيئر ريسرچ ڪميشن اسپارڪو جي اهتمام هيٺ ”عالمي اسپيس ڪانفرنس“ کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ اسپارڪو جو چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر نديم، خلائي تحقيق جا سائنسدان، غير ملڪي نمائندن ۽ ٻين نمايان شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته اسان خلا جو پرامن استعمال چاهيون ٿا، پاڪستان کي پنهنجو سيٽلائيز ٺاهڻا آهن ۽ اسان کي پاڻ ڀاڙڻ جي منزل حاصل ڪرڻي پوندي، هن چيو ته پاڪستاني قوم مضبوط عزم رکندڙ آهي ۽ هو ڪنه?? به چئلينج تي ضابطو آڻڻ جي صلاحيت رکي ٿي. اعليٰ اخلاقي قدرن ۽ علم جي بنياد تي اسان ڪاميابي حاصل ڪري سگهون ٿا. صدر ڊاڪٽر عارف علو?? چيو ته ترقي جو عمل انسانيت جي فلاح آهي، نه وري تباهي لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجي، دنيا توانائي جي قابل تجديد ذريعن تي ڌيان ڏئي رهي آهي، هن چيو ته بهترين اخلاقي قدرن جي حامل قي??دت ئي قوم جي رهنمائي ڪري سگهي ٿي، صدر ماحولياتي تبديلي جو ذڪر ڪند?? چيو ته اوزون جي تهه ۾ گهٽتائي کي روڪڻ هڪ اهم ڪاميابي آهي، سيٽلائيٽ ٽيلي ميٽري سان پاڻي جي وهڪري ۽ مقدار کي جانچي سگهجي ٿو، هن چيو ته دنيا معاشي لحاظ کان مضبوط ملڪ جي ڳالهه ٻڌندي آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪانفرنس ۾ شريڪ غير ملڪي نمائندن جو پاڪستان اچڻ تي آجيان ڪند?? چيو ته پاڪستان خلائي ٽيڪنالاجي کي پرامن مقصدن لاءِ استعمال ڪندو. ڪجهه ملڪ سيٽلائيٽ تباهه ڪرڻ جا تجربا ڪيا آهن، صدر چيو ته حڪومت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي خاص طور تي خلائي تحقيق کي انتهائي اهميت ڏئي رهي آهي، صدارت جو منصب سنڀالڻ کانپوءِ اسپارڪو جو دورو ڪيو ۽ مختلف وزارتن کي اسپارڪ سان ڳنڍي ڇڏيو. خلا ۾ سيٽلائيٽ موڪلڻ لاءِ اسپارڪو جي حوصلا افزائي ڪري رهيا آهيون. روس کانپوءِ پاڪستان پهريون ايشيائي ملڪ هو جنهن ماضي ۾ سيٽلائيٽ خلا ۾ موڪليو هو، داڪٽر عارف علو?? چيو ته پاڙيسري ملڪ ۾ 1974ع ۾ ايٽمي تجربو جنهن تي اسان جي سائنسدانن 7 سالن ۾ ڊيٽرينس تيار ڪيو، صدر چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ خلائي تحقيق ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جي خلائي تحقيق جي شعبي کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ اڻٽر آهي. ان کان اڳ اسپارڪو ج?? چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر نديم به تقريب کي خطاب ڪيو. هن ڪانفرنس ۾ صدر جي شرڪت تي ان جو ٿ??رو ادا ڪيو.