اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) پ??ڏي??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آصف زرداري جيتري دولت آهي کڻي اچ هڪ ڪارڪن به نه وڪامجندو، تحريڪ انصاف ۽ عمران خان عوام جي عدالت ۾ سرخرو ٿيندا?? مخالف ڌر پيغام ڏنو آهي ته اين آر او ڏئي ڇڏ??و، بي اعتمادي رٿ واپس وٺي ڇڏ??نداسين پر قوم فيصلو ڪري چڪي آهي ته توهان کي اين آر او نه ملندو، مينار پاڪستان تي عمران خان گهرايو ته سمنڊ اٿلي آيو ۽ اڄ ٻيهر پريڊ گ??ائ??نڊ ۾ قوم چئي رهي آهي ته وزيراعظم قدم وڌائي اسان توسان گڏ آهيون. پريڊ گ??ائ??نڊ اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي امر بالمعروف جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته 27 مارچ تي پاڪستانين کي اسلام آباد آڻڻ جي دعوت جي تمنا منهنجي قائد ڪئي ۽ اڄ ٻڌائي ڇڏ??و ته قوم جاڳي چڪي آهي. 1947ع ۾ قائداعظم قوم کي جاڳايو ته پاڪستان ٺهيو، 1965ع ۾ قوم جاڳي، پشاور اي پي ايس حملي تي قوم جاڳي ۽ دهشتگردن کي شڪست ڏني ۽ اڄ قوم جاڳي آهي ته ڪجهه ضمير وڪامجن ٿا ته ڪجهه ضمير حسين جي للڪار وانگر بيهي رهن ٿا، آصف علي زرداري جيتري دولت آهي کڻي اچ هڪ ڪارڪن به وڪامجڻ جي لاءِ تيار نه آهي. هن چيو ته پاڪستان جي قوم اڄ عوام جي ڪچهري ۾ سرخرو ٿي وئي ۽ قوم عمران خان کي چئي ڇڏ??و ته اها ان سان گڏ بيٺل آهي، بيٺل هئي ۽ بيٺل رهندي. هتي ڪو ضمير فروش نه آهي. اڄ عمران جي بغض ۾ سڀ گڏ ٿي ويا. عمران خان جو ڳاٽ هي قوم ڪڏهن جهُڪڻ نه ڏيندي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اهي عمران خان کي پيغام ڏين ٿا ته اين آر او ڏئي ڇڏ??و، هو بي اعتمادي رٿ واپس وٺي ڇڏ??ندا. قوم فيصلو ڪري چڪي آهي ته زرداري، نواز شريف، فضل الرحمان توهان کي اين آر او نه ملندو. پ??ڏي??ي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان چيو هو ته سائي پاسپورٽ جي عزت ڪ??ائ??ندس. هن چيو ته اسلامو ??وب??ا ۽ گستاخي ڪندڙن جي خلاف قرارداد منظور ٿي آهي ۽ اهو اعزاز به پاڪستان ۽ توهان جي وزيراعظم جي حق ۾ وڃي ٿو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته منهنجي سيني ۾ تمام گهڻا راز آهن، چاڪ ڪري ڇڏ??ان ته هي منهن ڏيکارڻ جي قابل نه رهن پر آئون هڪ حلف جو پابند آهيان. وفاقي وزير چيو ته مون پنهنجي ڪپتان کي آگاهه ڪري ڇڏ??و ته منصوبابندي ڪهڙي آهي ۽ ڪٿان ٿي رهي آهي، اها امانت مون توهان کي ڏئي ڇڏ?? آهي، قوم جڏهن ڪنڌ کڻي جيئڻ جو عزم ڪري ٿي ته مشڪلاتون اينديون آهن. هن شرڪت ڪندڙن کان وچن ورتو ته توهان عمران جو ساٿ ڏيندا ۽ گهٻ??ائ??ندا نه. هن چيو ته منهنجي ڪپتان 30 آڪٽوبر 2011ع تي مينار پاڪستان گهرايو هو ۽ قوم آئي ۽ اڄ ٻيهر 27 مارچ تي پاڪستاني قوم اهو پيغام کڻي آئي آهي ته قدم وڌائي عمران اسان توسان گڏ آهيون. هن چيو ته قوم چئي رهي آهي ته اسان کي کپي پراڻو خان ۽ نئون پاڪستان. ضمير فروشن کي قوم ڪڏهن معاف نه ڪندي.