اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي تر??مان عاصم افتخار چيو آهي ته پاڪستان ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جو انعقاد پاڪستاني سفارتڪاري ۽ عالم اسلام ۾ اسلام آباد جي قائداڻي ڪردار جي ڏس ۾ هڪ تاريخي واقعو آهي، پاڪستان ڪن??ن بلاڪ جو ح??و بڻجڻ کانسواءِ امن ۽ استحڪام، دوستاڻي پاڙيسري ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. هفتيوار بريفنگ دوران تر??مان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي حوالي سان چيو ته ڪانفرنس تنظيمي ۽ انتظامي موقف کان وٺي ٺوس تيارين ۽ نتيجن تائين هر لحاظ کان ڪامياب رهي، اهو پاڪستاني سفارتڪاري جو تاريخي ايونٽ هو، اجلاس ۾ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، سائنٽفڪ ۽ ٽيڪنيڪي شعبن ۾ تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو، مسلمان امت کي درپيش چئلينجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ اسلامي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري کي اڻٽر قرار ڏنو ويو. تر??مان چيو ته ڪانفرنس واضح پيغام ڏنو ته مسلمان دنيا تڪرارن ۾ نه پر امن ۾ حصيدار آهي، پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل هڪ دفعو ٻيهر او آءِ سي ۾ پاڪستان جي قائداڻي ڪردار جو اعتراف ڪيو، تر??مان چيو ته او آءِ سي ۾ پاڪستان جي نمايان ڪردار جو ان ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اجلاس ۾ او آءِ سي جي ميمبر ۽ مبصر ملڪن، علائقائي ۽ عالمي تنظيمن جي 800 کان وڌيڪ نمائندن، وزاتي سطح جي 45 کان وڌيڪ شرڪت ڪندڙن، اعليٰ عملدارن، نمائندن شرڪت ڪئي جڏهن ته چيني پرڏيهي وزير وانگ يي خصوصي مهمان طور تي گهرايو ويو هو، تر??مان چيو ته فلسطين مسئلي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار بابت ڀرپور قرارداد، ڄمون ۽ ڪشمير تي رابطا گروپ جي طرفان جامع گڏيل پڌرنامو ۽ ايڪشن پلان، افغانستان جي حوالي سان هيومينٽرين ٽرسٽ فنڊ کي فعال ڪرڻ، اسلامو فوبيا تي او آءِ سي جي خصوصي ايلچي ??ي مقرري، ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ سلامتي کي درپيش خطرن بابت قرارداد، 9 مارچ تي ڀارتي ميزائل جي واقعي تي سخت خدشا، پاڪستان جي طرفان مسلمان دنيا ۾ امن جي فروغ ۽ تڪرارن جي روڪٿام جي غرض سان وزارتي ڪانفرنس گهرائڻ جون تجويزون نمايان ڪاميابي آهن، سياسي، سيڪيورٽي، انساني، اقتصادي، سماجي، قانوني مسلم اقليتن، اسلامو فوبيا، اسلحه ڪن??رول، دهشتگردي، غير قانوني مالياتي وهڪري ۽ بدعنواني، ثالثي ۽ او آءِ سي سڌارن جي حوالي سان هڪ سئو 40 قراردادون منظور ڪيون ويون، انهن مان 20 قراردادون پاڪستان يا پاڪستان جي تعاون سان پيش ڪيون ويون. پرڏيهي آفيس جي تر??مان چيو ته اسلام آباد ۾ اجلاس جو انعقاد پاڪستاني سفارتڪاري ۽ عالم اسلام ۾ اسلام آباد جي قائداڻي ڪردار جي ڏس ۾ هڪ تاريخي واقعو آهي، هن چيو ته پاڪستان ڪن??ن بلاڪ جو ح??و بڻجڻ کانسواءِ امن ۽ استحڪام، دوستاڻي پاڙيسري ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان چين کي اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ خاص مهمان طور دعوت ڏني ڇو ته بيجنگ او آءِ سي ملڪن سان تعاون کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. تر??مان چيو ته چين وٽ اسلامي ملڪن سان پنهنجي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي ۽ انهي جذبي سان اسان چيني پرڏيهي وزير وانگ يي کي خصوصي مهمان طور ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، عاصم افتخار چيو ته او آءِ سي رابطا گروپ ڄمون ۽ ڪشمير تي هڪ ايڪشن پلان به اختيار ڪيو.