اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نوجوانن جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته هو ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، هن ملڪي ترقي يقيني بڻائڻ لاءِ عو??تن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ تي به زور ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مسلم يوٿ يونيورسٽي جي پهرين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته عو??تن کي معاشرتي ترقي ۾ برابر حصيدار جي طور تي موقعا نٿا ملن جنهن جي باعث ملڪ ۾ حقيقي خوشحالي نه آئي. هن عو??تن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ انهن جي شموليت يقيني بڻائڻ ۽ عو??مي جاين تي انهن لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته عو??تن کي آن لائن اي بزنس ۽ پارٽ ٽائيم نوڪرين ۾ موقعا فراهم ڪيا وڃن ته جيئن هو پنهنجي پيشي سان وابسته رهن. هن چيو ته نوجوانن جي لاءِ ڪامياب جوان پروگرام ۽ بئنڪن پاران جاري ٻين قرض اسڪيمن جي ڪري وسيع موقعا پيدا ٿيا آهن، گريجوئ??ٽس انهن موقعن مان فائدو کڻن ۽ پنهنجي پيشيوراڻي ??عب?? ۾ ڪاميابي حاصل ڪن. هن گريجوئ??ٽس تي زور ڏنو ته هو پنهنجي زندگين ۾ ڪاميابي لاءِ ايمانداري، ديانتداري جو مظاهرو ??ن، انسانيت کانسواءِ تعليم جي ڪا به اهميت نه آهي. هن چيو ته دنيا پناهگيرن لاءِ دروازا بند ڪري انساني قدر نظرانداز ڪري رهي آهي. پاڪستان لکين افغان پناهگيرن جي ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين ميزباني ڪري اخلاقي قدرن جو مظاهرو ??يو. صدر مختلف ??عب?? ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ گريجوئ??ٽس ۾ ايوارڊ ورهايا.