اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??اڪستان افغانستان سان ڪاروباري لاڳاپن ۽ مواصلاتي منص??بن کي اولين ترجيح ڏي ٿو، افغانستان ۾ پاڪستان جي مدد سان تعمير ٿيندڙ اسپتالن ۽ افغانستان سان وسيع تر روڊ ۽ ريل رابطي ۾ تعاون ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان بابت ايپڪس ڪميٽي جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ??اڪستاني يونيورسٽين ۾ تعليم پرائيندڙ افغان شاگرد افغانستان جي تر??ي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن کي مضبوط بڻائيندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن جي لاءِ وظيفا جاري رکيا وڃن ۽ سمورا ضروري وسيلا دستياب ڪيا وڃن. پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جي امڪانن جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته ??اڪستان افغانستان سان ڪاروباري لاڳاپن ۽ مواصلاتي منص??بن کي اولين ترجيح ڏي ٿو ۽ حڪومت پاران مڪمل سهولت فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته ??اڪستان افغانستان ۾ پاڪستان جي مدد سان تعمير ڪئي ويندڙ اسپتالن ۽ افغانستان سان وسيع تر روڊ ۽ ريل رابطا قائم ڪرڻ ۾ تعاون ڪندو. ان کان اڳ ايپڪس ڪميٽي کي قومي سلامتي واري صل??حڪ??ر ڊاڪٽر معيد يوسف افغانستان جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم لاڳاپيل وزارتن کي هدايت ڪئي ته اهي افغان عوام جي امداد جي لاءِ اعلان ڪيل منص??بن ۽ واعدن تي تيزي سان عمل ڪن. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شوڪت فياض ترين، چوڌري فواد حسين، شفقت محمود، اعظم خان سواتي، شيخ رشيد احمد، آرمي چيف جنرل قمر جاويد ب??جو??، قومي سلامتي واري صل??حڪ??ر ڊاڪٽر معيد يوسف، وزيراعظم جي واپار واري صل??حڪ??ر عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي.