اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمب??ي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته نوجوان ??لڪ جو قيمتي اثاثو آهن ۽ روشن مستقبل آهن، اسان تي الله جو ڪرم آهي ته اسان جي آبادي جو 60 سيڪڙو کان ??ڌيڪ حصو نوجوانن تي مشتمل آهي، نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي سان ??يس ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هو ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”نيشنل ايڪسپوزر وزٽ ??ف ينگ پيس ايڪٽيوسٽ“ جي پراجيڪٽ تحت پارليامينٽ هائوس جو دورو ڪندڙ سڄي ملڪ جي مختلف يونيورسٽين جي شاگردياڻين ۽ شاگردن کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي 60 سيڪڙو کان ??ڌيڪ نوجوانن تي مشتمل آبادي سان ??وازيو آهي تنهن ڪري ملڪ کي ترقي ۽ خوشحا??ي جي راهه تي گامزن ڪرڻ نوجوانن جو بنيادي هدف ۽ اولين ترجيح هجڻ گهرجي. هن چيو ته هڪجهڙو تعليمي نصاب نوجوانن جي ذهنن ۾ هڪجهڙن نظرين جي اوسر جي راهه هموار ڪندو. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته نظم ۽ ضبط ۽ محنت زندگي ۾ هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اهم عمل آهن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ترقي ۽ خوشحا??ي جو ويزن رکي ٿو ۽ سندس ويزن علامه محمد اقبال ۽ قائداعظم محمدع??ي جناح جي خواب کي عم??ي جامو پارائڻ آهي جنهن جو مقصد نوجوانن کي خود مختيار بڻائڻ هو. هن چيو ته هي ملڪ ٻه قومي نطريي تي قائم ٿيو هو ۽ ان جو بنيادي مقصد هڪ اهڙي رياست جو قيام هو جتي مسلمان ??نهنجي عقيدت ۽ رسم رواج موجب زندگي گذاري سگهن ۽ اسلام جي حقيق?? سڃاڻپ کي دنيا ۾ اجاگر ڪري سگهن، هن چيو ته اسلام امن، سلامتي ۽ انصاف جو مذهب آهي.