اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) ??رڏ??هي وزير مخدوم شاهه محمود قريش?? نيول هيڊڪوارٽر اسلام آباد جو ??ور?? ڪيو ۽ پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي سان ملاقات ڪئي. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب ملاقات دوران علائقائي ميري ٽائيم سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ??رڏ??هي وزير کي پاڪستان جي ميري ٽائيم سيڪيورٽي چئلينجز ۽ پاڪ بحريه جي ڪردار تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ترجمان موجب ان موقعي تي ??رڏ??هي وزير پاڪ بحريه جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ اڀرندڙ ميري ٽائيم چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪ بحريه کي هر ممڪن حڪومتي تعاون جي خاطري ڪرائي. ??رڏ??هي وزير ملڪي معيشت ۾ ميري ٽائيم سيڪيورٽي جي اهميت ۽ ان حوالي سان پاڪ بحريه جي ڪردار کي ساراهيو. هن سامونڊي سفارتڪاري جي ذريعي پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ تي پاڪ بحريه کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. امير البحر نيول هيڊڪوارٽرز جو ??ور?? ڪرڻ تي ??رڏ??هي وزير جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪ بحريه سدائين پنهنجي ملڪي سامونڊي سرحدن ۽ سامونڊي مفادن جو تحفظ جاري رکندي.