ڪراچي – 29 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ڪراچي پريس ??لب (ڪي پي سي) جي نئين چونڊيل باڊي گورنر هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پاران جاري پڌرائي موجب پريس ??لب جي نئين چونڊيل باڊي ۾ صدر فاضل جميلي، سيڪريٽري رضوان ڀٽي، نائب صدر رشيد ميمڻ، ٽريزور وحيد راڄپر ۽ جوائنٽ سيڪريٽري اسلم خان شامل هئا جڏهن ته گورننگ باڊي جي ميمبرن ۾ خليل ناصر، فاروق سميع، لي??قت مغل، اطهر حسين، مونا خان، شازيه حسن ۽ نبيل اختر شامل هئا. ملاقات ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ڪراچي پريس ??لب جي نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ تسلسل ۽ اسلامي فلاحي معاشري جي قيام ۾ صحافت?? برادري جي ڪردار ۽ اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ صحافين پيشيواراڻي ذميوارين جي دوران ايندڙ مشڪلاتن کان صدر ۽ گورنر سنڌ کي آگاهه ڪيو. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جمهوريت جي قيام ۾ صحاف?? برادري جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. ڊاڪٽر عارف علوي صحافين کي درپيش مسئلن جي حل جي خاطري پڻ ڪرائي. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو ته صحافين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ موجوده حڪومت قدم کڻي رهي آهي. سنڌ جي گورنر وڌيڪ چيو ته معاشرت?? براين جي خاتمي لاءِ صحاف?? برادري جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي.