اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ٽانڪ ۽ مير علي ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ا??لڪارن جون قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي ا??سوس جو اظهار ڪيو ??هي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين چيو ??ه ملڪ دشمن عنصر ڪڏهن پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿيندا. پوري قو?? دهشتگردي جي خلاف متحد آهي. هن چيو ??ه دهشتگرد امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ چاهين ٿا جنهن ۾ اهي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. سينيٽ چيئرمين چيو ??ه اسان ڏکويل خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن چيو ??ه پوري قو?? پاڪستاني فوج سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. پاڪستان جي ترقي سان ملڪ دشمن قوتون خفا آهن، هن چيو ??ه دهشتگردي جا واقعا اسان جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن، ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج جون لازوال قربانيون رائيگان نه وينديون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري.