اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪمانستان جي دوري جي موقعي تي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات ڪئي. ايوان صدر پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ مضبوط معاشي حصيداري جي لاءِ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن ڪاسا 1000 منصوبي تي عملدرآمد جو جائزو پڻ ورتو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي بندرگاهن جي ذريعي تاجڪستان جي لاءِ علائقائي انضمام ۽ رابطن تي روشني وڌي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ تاجڪستان کي افغانست??ن ۾ انساني صورتحال جي ڪري درپيش چئلينجز جي حو??لي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علي چ??و ته پاڙيسري ملڪ افغانست??ن ۾ عدم استحڪام جي ڪري سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا. هن تاجڪستان جي صدر کي افغانست??ن ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن بابت آگاهه ڪيو. صدر چ??و ته افغان معيشت کي بچائڻ جي لاءِ افغانستان جا منجمند اثاثا غيرمنجمند ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چ??و ته سمورن افغانين جي حقن جو ا??ترام ۽ افغان سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيڻ ضروري آهي. هن چ??و ته افغانست??ن ۾ امن، مفاهمت ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان ۽ تاجڪستان کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چ??و ته افغانست??ن ۾ پائيدار امن خطي ۾ واپار ۽ معاشي موقعا فراهم ڪندو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن موجوده ٻطرفن لاڳاپن جي صورتحال تي اطمينان جو ا??هار ڪيو ۽ انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.