لاهور – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??زيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن آهي ۽ ٻاهرين ملڪ سيڙپڪاري سان ملڪ ۾ نوان صنعتي زون ٺهي رهيا آهن، حڪومتي صنعتي انقلاب تي يقين رکي ٿي، ڪورونا سبب پوري ??ني?? متاثر ٿي، پر پاڪستان ان کي وڏي حد تائين روڪڻ ۾ ڪامياب رهيو، ??ني?? کي هن وقت اڀرندڙ نئين پاڪستان جي ضرورت آهي، جڏهن ته اقتصادي ط??ر تي ڪنهن به ملڪ کي اڪيلو نٿو ڪري سگهجي. هو لاهور ۾ چيني سيڙپڪاري سان قائم چئلي??ج ٽيڪسٽائيل فيڪٽري جي دوري جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. چئلي??ج ٽيڪسٽائيل فيڪٽري جي ايم ڊي ڪيرن چن ۽ پاڪستان واپاري قمر خان بوبي صدر کي ان حوالي سان بريفنگ ڏني، ان موقعي تي صدر 150 ملين ڊالر سان شروع ٿيندڙ چئلي??ج ٽيڪسٽائيل پارڪ جو به افتتاح ڪيو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??اڪستان کي چئلي??ج ٽيڪسٽائيل جهڙي سيڙپڪاري جي وڌيڪ ضرورت آهي، پاڪستان هڪ محفوظ ملڪ آهي جتي ملڪي سيڙپڪارن کي تحفظ ڏنو ويندو، هن چيوته ??اڪستان چين دوستي تي اسان کي فخر آهي ۽ چيني سيڙپڪاري سان ملڪ صنعتي انقلاب طرف وڃي رهيو آهي، صدر چيو ته ڪورونا جي تازي وبا سان سڄي ??ني?? متاثر ٿي، پر پاڪستان ان کي وڏي حد تائين روڪڻ ۾ ڪامياب رهيو. جڏهن ته ان جي خلاف ويڪسين تيار ڪندڙ ملڪن ۾ شامل ٿي چڪو آهي، مائيڪرو فنانس ۽ ڪووڊ -19 کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪاميابي حڪومتي ڪاميابين جو تسلسل آهي، هن چيو ته اقتصادي ط??ر تي ڪنهن به ملڪ کي اڪيلو نٿو ڪري سگهجي ۽ ??ني?? کي هن وقت پاڪستان جي ضرورت آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان چيني سيڙپڪارن کي دعوت ڏيون ٿا ته ??تي اچن، سيڙپڪاري ڪن ۽ ??ني?? کي مثبت پيغام ڏين، هن چيو ته اقتصادي مسئلن جي حل لاءِ تيز ترين رابطن جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ جو ??ني?? هن وقت تمام تيز ٿي چڪي آهي، هن چيو ته ??زيراعظم جي قيادت ۾ ملڪ ۾ خصوصي اقتصادي زون قائم ڪيا پيا وڃن، اقتصادي زون قائم ٿيڻ سان نه رڳو نئين انڊسٽري لڳندي پر ماڻهن کي وسيع پئماني تي روزگار به ملندو ۽ انشاءُ الله ايندڙ ڏينهن پاڪستان لاءِ سٺا هوندا.