اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پاڪس??ان افغانستان ۾ جٽادار امن جو خواهشمند آهي، دنيا کي افغانستان ۾ زميني حقيقتن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، طالبان کي حڪومت سازي ۽ ملڪي معاملا هلائڻ ۾ وقت ڏيڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن گڏيل قو??ن جي پناهگيرن جي هاءِ ڪمشنر فيلپو گرانڊي سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن گذريل ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ افغانس??ان مان پرڏيهين جي واپسي ۽ افغان شهرين لاءِ انساني امداد بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته افغان شهرين کي موجوده حالتن ۾ اڪيلو نه ڇڏيو وڃي ۽ انساني بنيادن تي افغان شهرين لاءِ خوراڪ، دوائن ۽ ٻين ضروري شين جو بندوبست ڪيو وڃي. گهرو وزير چيو ته پاڪس??ان پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ جٽادار امن جو خواهشمند آهي، طالبان کي حڪومت سازي ۽ ملڪي معاملن کي هلائڻ ۾ وقت ڏيڻ گهرجي، دنيا کي افغانستان ۾ زميني حقيقتن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته طالبان کي افغانستان ۾ حڪمرانيءَ لاءِ مالي ۽ انساني وسيلا يقيني بڻائڻا پوندا، طالبان جي اثر هيٺ حڪومت افغانس??ان جي هڪ ئي ڏينهن ۾ يورپ جي ترقي ممڪن ناهي، افغانستان ۾ امڪاني انساني ڏُڪار بدامني ۽ لاقانونيت کي جنم ڏئي سگهي ٿو. هن چيو ته انساني همدرديءَ تحت خوراڪ ۽ دوائن جون ٽرڪون ۽ جهاز افغانس??ان اُماڻيا آهن. موجوده حالتن ۾ پاڪس??ان افغان شهرين جي انساني همدردي جي بنياد تي امداد جاري رکندو. گهرو وزير چيو ته هاڻوڪي تناظر ۾ پاڪستان ۾ نڪو افغان پناهگير آهي نه ئي افغان ڪيمپ. افغانس??ان مان غير ملڪي ۽ افغان شهرين کي ڪڍڻ لاءِ سهولت مرڪز 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيو آهي. ملاقات ۾ پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر چيو ته پاڪس??ان طرفان 30 لک افغان پناهگيرن جي لڳاتار سارسنڀال ۾ ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. گڏيل قو??ون افغان شهرين کي اڪيلو نه ڇڏينديون، انهن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. گڏيل قو??ن افغانس??ان لاءِ فنڊ ۽ امداد لاءِ عالمي برادريءَ کي متحرڪ ڪيو آهي. هن چيو ته گڏيل قو??ن جي عملي جي سيڪيورٽي ۽ ويزا سهولت فراهم ڪرڻ تي پاڪس??ان حڪومت جا شڪرگذار آهيون. گهرو وزير پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن جي امداد تي گڏيل قو??ن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر جا ٿورا مڃيا.