اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين رحيم يار خان ۾ گنيش مندر واقعي جي مذمت ڪ??دي چيو آهي ته گنيش مندر کي هڪ گروه نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، هندو برادري جي مذهبي جذبن کي مجروح ڪندڙ ماڻهن کي قرار واقعي سزا ملڻ گهرجي، پا??ستان هندستان نه آ??ي، هتي ڪير فاشٽ آئيڊيالاجي حڪمراني نٿي ڪري سگ??ي، پاڪستان جي جهنڊي ۾ موجود ٻنهي رنگن جي حرمت اسان تي فرض آهي. رحيم يار خان ۾ گنيش مندر واقعي جي باري ۾ ڳالهائيند?? وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم ۽ چيف جسٽس اف پا??ستان ان معاملي جو ذاتي طور تي نوٽيس ورتو آ??ي، هن واضح ڪيو ته پا??ستان جي جهنڊي ۾ موجود ٻنهي رنگن جي حرمت اسان تي فرض آ??ي، اسان جي لاءِ سفيد رنگ به ايتري ئي حرمت رکندڙ آهي جيتري حرمت سائي رنگ جي آهي. سفيد رنگ پا??ستان ۾ رهندڙ اقليتن جي حقن جي نشاندهي ڪري ٿو. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم پا??ستان سياسي ۽ فوجي قيادت ۽ عدالتون هڪ ترقي پسند ملڪ جي لاءِ پا??ستان جي ان آئين کي تسلم ڪن ٿيون جنهن ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ جو واعدو ڪيو ويو آ??ي، هن چيو ته اسان کي پا??ستاني ڀائرن کي نسل، رنگ يا عقيدي جي بنياد تي نشانو بڻائيندڙ عنصرن جي خلاف اٿي بيهڻ گهرجي، وفاق?? وزير چيو ته انشاءُ الله پا??ستان جو مستقبل هڪ اهڙو ترقي پسند ملڪ آهي جتي اقليتون مڪمل طور تي محفوظ هجن.