اسلام آباد – 22 جون (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ۽ انتظامي ادارو آهي، پارليامينٽ جي ٺاهيل قانونن تي عملدرآمد جو پابند آهي، پرڏيهي پاڪستاني اسان جا محسن آهن، تحريڪ ان??اف سدائين انهن کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي، سمجهه ۾ نه اچي رهيو آهي ته (ن) ليگ ۽ پيپل??پا??ٽي ڇو پرڏيهي پاڪستانين کان ڊنل آهن، پرڏيهي پاڪستانين جي مٽاسٽا جي ناڻي پاڪستان جي معيشت کي بدلائ?? ڇڏيو آهي، 90 سيڪرو مٽاسٽا جو ناڻو 500 ڊالر کا?? گهٽ رقم جو آهي، انهن پاران وڏي انگ ۾ مٽاسٽا جو ناڻو اچڻ عمران خان جي قيادت تي انهن جي اعتماد جو اظهار آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ اي وي ايم ۽ آئي ووٽنگ تي بريفنگ ڏني وئي.