فيصل آباد – 22 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ مل?? جي معيشت ۾ 33 بلي?? ڊالر اض??فو ٿيو آهي، هلندڙ مالي سال جي آخر تائين روانگي واپار جو مجموعي ڪاٿو 26 ملي?? ڊالر تائين پهچي ويندو، آءِ ٽي روانگي واپار ۾ 44 سيڪڙو، هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ پرڏيهي ناڻو 24 بلي?? ڊالر تائين پهچي ويو، اسحاق ڊار جي معيشت سرخي پالش ۽ بيوٽي پارلر واري هئي، پاڻي ذخيرا نه ٺاهيندڙ سياستدان قومي ڏوهاري آهن، پي ڊي ايم ٽڪرا ٽڪرا ٿي چڪي آهي، هاڻي اهي جيلن ۾ ئي گڏ ٿيندا. هو نيشنل اسپتال فيصل آباد ۾ ڪوويڊ 19 وارڊ جي افتتاحي تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪوويڊ 19 جي ڪري سڄي دنيا جي معيشت متاثر ٿي آهي، انهن سمورن چئلينجز جي ب??وجود عمران خان جي قيادت ۾ موجوده حڪومت معاشي ميدان ۾ تمام گهڻيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، اسان جي معيشت 33 بلي?? ڊالر جي اض??في سان 4 سيڪڙو تي ترقي ڪري رهي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽس هڪ بلي?? ڊالر کان سرپلس، ايڪسپورٽس ۾ 13.5 سيڪڙو اض??فو، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 24 بلي?? ڊالر تائين پهچي ويا آهن، روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ هڪ بلي?? ڊالر، يورو بانڊ 2.5 بلي?? ڊالر، چانور، مڪئي، ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداوار، ٽريڪٽر، موٽرسائيڪل، گاڏين جو رڪارڊ وڪرو ۽ ٽيڪسز جون رڪارڊ اوڳاڙيون ذڪر جوڳيون آهن.