اسلام آ??اد – 08 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جي بنيادي، جمهوري ۽ آئيني حق تي پڪو يقين رکي ٿي، ميڊيا جي ترقي ۽ صحافين جي ڀلائي اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، رياست جي مفاد جو تحفظ اسان سڀني جي لاءِ مقدم ۽ پهرين ترجيح هجڻ گهرجي، جرنلسٽس پروٽيڪشن بل جي منظوري صحافين جي سلامتي، انهن جي حقن جي تحفظ ۽ ڀلائي جي لاءِ تم??م وڏي اڳڀرائي آهي. اها ڳالهه ه?? ڪراچي، لاهور ۽ نيشنل پريس ڪلب اسلام آ??اد جي عهديدارن سان ورچو??ل اجلاس دوران ڳالهائيندي چئي.