اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اليڪشن ڪميشن جي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن (اي وي ايم) جي استعمال ۽ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ??يڻ جي سهولت لاءِ اختيار ??يڻ بابت 2 آرڊيننس، سنڌ حڪومت جي درخواست تي سنڌ ۾ ايس او پيز تي عملدرآمد جي لاءِ فوج مقرر ڪرڻ، عيدالفطر تي قيدين کي سزائن ۾ 90 ڏينهن معافي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، سرڪاري ملازم نوڪري تان استعيفيٰ ??يڻ کانسواءِ ايم پي ون ۽ ايم پي ٽو اسڪيل حاصل ڪرڻ، آءِ پي پيز کي رهتن جي مد ۾ 40 سيڪڙو ادا ڪ??ڻ ۽ پاڪ سعودي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ سپريم ڪوآرڊينيشن ڪميٽي کي فعال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي اجلاس جي ڪارروائي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان اجلاس شروع ٿيڻ تي هدايت ??ئي ته بزرگ ماءُ پيءُ جي تحفظ جي حوالي سان قانونسازي جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. وزيراعظم کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي راءِ جي حق جو اختيار ??يڻ جي هوالي سان اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي.