اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پريس گئلري پارليامينٽ جو اهم جز آه??، هن چيو ته ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ ۽ گورننس کي بهتر بڻائڻ ۾ مي??يا جو مثبت ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آه??، هن چيو ته صحافي برادري کي پيشيوراڻيون ذميواريون سر??نجام ڏيڻ ۾ درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ پارليامينٽ جي ذميداري آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن ا سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان گڏ پارليامينٽ هائوس جي اڱڻ ۾ مي??يا سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پارلياماني صحافين کي مبارڪباد ڏيندي خاطري ڪرائي ته پارلياماني صحافين جي ٻين تجويزن بشمول پريس گئلري جي سگهه، جديد ٽيڪنالاجي جي فراهمي کي وڌيڪ بهتر ڪيو ويندو ته جيئن صحافي برادري پنهنجي پيشيوراڻي سرگرمين کي موثر انداز ۾ سر??نجام ڏئي سگهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي حڪم جاري ڪيا ويا آه?? ته اها پريس گئلري ۾ پارلياماني صحافين جي پيشيوراڻي ذميوارين کي بهتر انداز ۾ سر??نجام ڏيڻ لاءِ سهولتون مهيا ڪري. صحافي جي هڪ سوال جي جواب ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته مخالف ڌر وزيراعظم جو ايوان مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ تي عوام ۾ منفي پروپيگنڊا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آه??. هن چيو ته وزيراعظم جي اعتماد جي ووٽ ۾ پريس گئلري ۾ سڄي ملڪ جي مي??يا جي موجودگي ۾ اعتماد جي ووٽ جا غلط انگ اکر پيش ڪرڻ جون ڳالهيون ڪرڻ آئين ۽ قانون جو مذاق اڏائڻ جي برابر آه??. هن چيو ته جمهوريت جي استحڪام ۽ سياست ۾ عدم برداشت ۽ تلخي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندس. هن چيو ته مخالف ڌر سان پيش ايندڙ معاملي جي مذمت ڪئي آه?? ۽ ان سلسلي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي پئي وڃي جيڪا پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان پيش آيل معاملن جو جائزو وٺندي. ان موقعي تي سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ڳالهائيندي چيو ته جمهوري نظام ۾ مي??يا جو ڪردار انتهائي اهم آه??، اظهار جي راءِ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، آزاد مي??يا جي ڪري عوام کي حقيقت تي ٻڌل معلومات ملي ٿي، اهو ئي سبب آه?? جو مي??يا کي رياست جو چوٿون ٿنڀ چيو وڃي ٿو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پي آر اي جي صدر بهزاد سليمي سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ۽ اسپيڪر جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته مي??يا جي لاءِ جيڪي سهولتون فراهم ڪيون ويون آه?? ان سان فرضن جي ادائيگي ۾ نمايان بهتري ايندي هن سينيٽ جي چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپڪر کي درخواست ڪئي ته مي??يا پرسنز کي ايوان جي اندر ٽي وي ڪئميرا کڻي وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي جنهن تي سينيٽ جي چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ان ڳالهه جو فيصلو پارلياماني اڳواڻن جي مشاورت سان ڪيو ويندو.