اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان چيو آهي ته ڪرپٽ حڪمرانن جو گذريل 10 سالن جو اقتدار هڪ ڪارو دو?? هو، رياستي ادارن کي سياسي مداخلت کانسواءِ آزاداڻي طور تي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ته ان جا نتيجا واضح طور تي نظر اچن ٿا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمرا?? خان ٻڌايو ته نيب سال 20 -2019ع ۾ 389 ارب روپين جون ريڪوريون ڪيون جڏهن ته 2008ع کان 2018ع جي 10 سالن جي دو??ان اهي وصوليون صرف 104 ارب روپيا هيون.