پشاور – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اي پي ايس پشاور سانحي پوري قوم کي متحد ڪري ڇڏيو، دهشتگردي جي ان افسوسناڪ واقعي جي ڪ??ي دل اڄ به ڏکويل آهي، ماڻهن کي صحت جي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ذميداري آهي، خيبرپختونخوا حڪومت جو سمورن شهرين کي مفت علاج جي سهولت ڏيڻ انتهائي اهم قدم آهي، پوئتي پيل گهراڻن ۾ بيماري جي ڪ??ي سڄو خاندان غربت ۾ هليو ويندو آهي، اسپتالن ۾ سڌارن جو مقصد سهولتن کي بهتر بڻائڻ آهي، سر??اري اسپتالن جو معيار به اهڙو هجڻ گهرجي ته هو نجي اسپتالن جو مقابلو ڪري سگهن، حڪومت وٽ ته ايترا وسيلا نه ??هن ته هو پوري ملڪ ۾ اسپتالون ٺاهي، هيلٿ ڪارڊ جاري ڪ??ڻ صحت جي شعبي ۾ انقلاب آڻيندو، اسپتالن ۾ سڌارن جو مقصد نجڪاري نه پر ماڻهن کي علا?? جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ انتظامي معاملن کي بهتر بڻائڻ آهي، ڪنهن اداري ۾ جيڪڏهن سزا ۽ جزا جو عمل نه هوندو ته اهو ڪامياب نه ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پشاور انسٽيٽيٽوٽ آف ڪارڊيالوجي جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو.