اسلام آباد – 11 نومبر (اي ??ي ??ي) وزيراعظم عمران خان سان ايران جي پرڏيهي وزير ڊاڪ??ر جواد ظريف ملاقات ڪئي. وزيراعظم ايراني پرڏيهي وزير جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن کي گڏيل مفاد ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ گهرجي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب ان ??وق??ي تي وزيراعطم ڪوويڊ 19 جي ڪري ايران ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان حڪومت پاران سمارٽ لاڪ ??ائون جي حڪمت عملي ۽ ٻين قدمن جي ڪري پاڪستان ۾ وبا تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي آهي.