اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته ڀارتي حڪومت غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري تڪراري علائقي کي هڪ کليل جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ان جي معيشت کي پڻ تب??هه ڪري ڇڏيو آهي. الجزيره کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ وزير??عظ?? چيو ته هڪ سال ۾ ڀارت ڪشمير کي مڪمل بند ۽ ان جي معيشت کي تب??هه ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڀارت غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 8 لک فوجين سان گڏ ڪشميري عوام کي گهيري رکيو آهي، ڀارت?? وزير??عظ?? نريندر مودي پنهنجي ملڪ جي سيڪيولر تشخص کي بگاڙڻ جو ذميوار آهي. وزير??عظ?? عمران خان چيو ته ڀارت آر ايس ايس جي انتهاپسنداڻي نظريي جي ڏاڍ هيٺ آ??ي، اڄ ڀارت جي مسلمانن کي اهڙيون ئي حالتون درپيش آهن جيڪي نازي جرمني ۾ يهودين کي درپيش هيون. هن چيو ته پاڪستان ڀارت سان تڪرار جي حل لاءِ سمورا ممڪن پرامن رستا استعمال ۾ آندا آهن. سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ ثالث جي ڪردار جي حوالي سان وزير??عظ?? چيو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.