لاهور – 29 جولاءِ (اي پي پي) پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ملاقات ڪئي ج??هن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، سياسي صورتحال ۽ ميڊيا حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي. ملاقات ۾ عوام کي رليف ڏيڻ جا قدم ۽ عوامي ڀلائي جا منصوبا پڻ غور هيٺ آيا. پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار حڪومتي ڪارڪردگي جي حوالي سان قدمن کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪندي چيو ته حڪومت جي 2 سالن جي ڪارڪردگي ماضي جي 30 سالن جي دور کان تمام گهڻي بهتر آهي، حڪومتي قدمن کي بهتر انداز ۾ عوام آڏو آڻڻ جي لاءِ ميڊيا جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي. هن ??يو ته ميڊيا جي تعميري تنقيد سان رهنما??ي ملي ٿي. ڪرپٽ عنصرن جو بنا ڪ??هن فرق جي احتساب پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو ضامن آهي، قومي وسيلن جي غلط استعمال جي اڳوڻي روايت کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.