اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته شاگرد تنظيمن جي بحالي لاءِ ٺوس ضابطه اخلاق جوڙينداسين جنهن جي لاءِ عالمي شهرت رکندڙ يونيورسٽين جي بهترين تجربن کي نظر ۾ رکيو ويندو. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته يوني??ز مستقبل جي قيادت ۽ شاگردن جي ڪردارسازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، اسان عالمي شهرت رکندڙ يونيورسٽين جي بهترين تجربن مان فائدو ک??ند?? هڪ اهڙو ضابطه اخلاق جوڙينداسين ته جيئن اسان شاگرد تنظيمن کي بحال ڪري سگهون ۽ اهي ملڪ جي مستقبل جي قيادت طور اسان جي نوجوانن کي مثبت انداز ۾ نکاري سگهن.