اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن ۽ واپار بابت نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز چيو آهي ته 40 سال اڳ سعودي عرب جي حڪومت پاڪستانين کي شاهه فيصل مسجد جو تحفو ڏنو، هاڻ ان مسجد کي وڌيڪ خوبصورت بنائڻ لاءِ ا?? جي رنگ روغن ٿي رهيو آهي. پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف ??عي?? المالڪي سان گڏ شاهه فيصل مسجد جي دؤري ??ي موقعي تي خيالن جو اظهار ڪري ??هيو هو. گهرو معاملن وارو سيڪريٽري ??فتاب اڪبر دراني، ضلعي انتظاميه ۽ سي ڊي اي جا عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. گهرو وزير سعودي سفير سان گڏ ظهر جي نماز ادا ڪئي، جنهن کان پوءِ هنن شاهه فيصل مسجد جي مرڪزي هال ۽ وڏي اڱڻ ۾ مختلف هنڌن جو معائنو ڪيو. صحافين ڳالهائيندي نگران وفاقي وزير چيو ته جڏهن مون گهرو وزارت جو منصب سنڀاليو ته پهرئين جمعي جي نماز شاهه فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي. سعودي سفير جو شڪرگذار آهيان جنهن ذاتي دلچسپي وٺندي شاهه فيصل مسجد جي رنگ روغن شروع ڪرايو، هن چيو ته شاهه فيصل مسجد جو شمار پاڪستا?? جي خوبصورت ترين مسجدن ۾ ٿئي ٿو. ان موقعي تي سعودي سفير چيو ته سعودي حڪومت ط??فا?? شاهه فيصل مسجد پاڪستانين لاءِ هڪ تحفو آهي. هاڻ ان مسجد ۾ رنگ روغن شروع ڪيو ويو آهي. گهرو وزير سميت ٻين اسٽيڪ هولڊرز شاهه فيصل مسجد جي رنگ روغن ۾ تعاون ڪري ??هيا آهن، اهو ڪم جلد مڪمل ٿي ويندو.