اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير سينيٽر شبلي ??راز چيو آهي ته جمهوري حڪومت ۽ پارٽي هجڻ جي ناطي اسان مخالف ڌر کي فيملي ??ميٽيڊ ڪمپني ڪرپشن جي بچاءُ لاءِ جناح اسٽيڊيم ۾ پنڊال سجائڻ جي باقاعده اجازت ڏني آهي، عوام کي تنگ ڪرڻ جي لاءِ روڊن تي ڪ??هن به صورت ۾ جلسي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني و??ندي، اسان به ماضي ۾ اسٽيڊيم جي اندر جلسا ڪيا، ڪڏهن عوام کي تنگ ڪرڻ جي سياست ناهي ڪئي، مخالف ڌر کان به اهڙي ئي اميد رکون ٿا، پنهنجي وڊيو پيغام ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير سينيٽر شبلي ??راز چيو ته فيملي ??ميٽيڊ ڪمپني ڪرپشن جي بچاءُ لاءِ جيڪو پنڊال سجائي رهي آهي ان جي لاءِ جمهوري حڪومت ۽ پارٽي هُجڻ جي ناطي مخالف ڌر کي جلسي جي اجازت ڏني آهي، مخالف ڌر کي چئلينج ڪريون ٿا ته هو جناح اسٽيڊيم کي ڀرين جيڪڏهن عوام کي تنگ ڪرڻ لاءِ روڊن تي جلسو ڪيو ته انهن کي ان جي هر گز اجازت نه ڏني و??ندي.