پشاور – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پشاور ليڊي ريڊنگ اسپتال جو دورو ڪيو. اسپيڪر اسد قيصر صوابي ضلعي سان تعلق رکندڙ بيمار يتيم ۽ ل??وارث ڇوڪريءَ جي عيادت ??ئي، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب اسپيڪر بيمار ٻارڙي کي تحفا به ڏنا. اسپيڪر اسد قيصر يتيم ل??وارث ٻارڙي جي ڪفالت لاءِ ماهوار وظيفي جي به منظوري ڏني، ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته جيڪي خوشيون اسان پنهنجي ٻارن لاءِ چاهيون ٿا اهي اسان ٻين ۽ مستحق ماڻهن جي ٻارن کي به ڏيون. پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن بل پاس ٿيڻ جي ڪري صحت جي شعبي کي فروغ حاصل ٿيندو، ان بل جي منظوري موجوده حڪومت جي صحت عامه ۾ گهري دلچسپي جي عڪاسي آهي،