اسلام ??باد – 14 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ۾ ملوث عنصرن جي خلاف فوري ڪريڪ ڊائون جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪڻڪ ۽ اٽي جي وڏي مقدار ۾ دستيابي کي يقيني بڻائڻ ۽ قيمتن کي هڪجهڙي سطح تي آڻڻ جي لاءِ بين الصوبائي ڪوآرڊينيشن کي وڌيڪ بهتر بڻائيندي جامع ۽ منظم انتظامي قدمن کي به يقيني بڻايو وڃي. هو اڱاري ڏينهن سڄي ملڪ ۾ عوام ??لناس کي ڪڻڪ ۽ اٽي جي مناسب قيمت تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ ۽ قيمتن ت?? ضابطو رکڻ جي حوالي سان اج??اس جي صدارت ڪري رهيو هو.