اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي واپار ۽ ٽيڪسٽا??يل واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود چيو آهي ته اسٽريٽجڪ پاليسي فريم ورڪ تحت مختلف شعبن جي روانگي واپار ??ڌائڻ جي لاءِ قدم کنيا ويا آهن، اي ڪامرس پاليسي لاڳو ٿي چڪي آهي، پهريون ڀيرو ”لڪ آفريقا“ پاليسي ٺاهي وئي آهي. پوسٽ بجيٽ پر??س ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته روانگي واپار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کنيا ويا آهن، اسٽريٽجڪ پاليسي فريم ورڪ تحت مختلف شعبن جي روانگي واپار ??ڌائڻ جي حڪمت عملي ٺاهي وئي آهي، جن جن شعبن ۾ صلاحيت موجود آهي انهن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.