اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته هن وقت ڪورونا وائرس دنيا جي 186 ملڪن ?? پکڙجي چڪو آهي ۽ 2 لک 77 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿي?? آهن جڏهن ته سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب 11431 فوتگيون ٿيون آهن، 2 لک 77 هزار ڪيسن مان 92 هزار مڪمل ط??ر تي صحتياب ٿي چڪ?? آهن. ڪورونا وائرس سبب صحتيابيءَ جو ??ناسب 97،98 سيڪڙو آهي. وزيراعظم جي قومي سلامتيءَ بابت صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضال سان گڏ ميڊيا بريفنگ کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت ڪورونا وائرس جي شڪي ڪيسن جو ??نگ 4046 آهي.