پنڊ دادن خان – 28 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو لڳائيندڙن ٻه، ٻه هزار رپين ۾ ووٽ خريد ڪيا جيڪو شرمناڪ قدم آه??، وزيراعظم عمران خان ۽ تحريڪ انصاف انهي نظام جي خلاف بيٺل آه??، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان سڀ کان وڌيڪ گهٻراهٽ به انهن ئي ماڻهن کي آه??، 2016ع ۾ به (ن) ليگ پنڊ دادن خان ۾ ماڻهن کي پئسن جي لالچ ڏئي ووٽ خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اميد آه?? ته اليڪشن ڪميشن (ن) ليگ جي وائرل ٿيندڙ وڊيو تي نوٽيس جاري ڪندو. عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته (ن) ليگ جو چونڊ طريقو ئي ڌانڌلي تي ٻڌل آه??، اهي ماڻهو ڪنهن خاص مقصد جي لاءِ اقتدار ۾ اچن ٿا. هن چيو ته (ن) ليگ 1990ع جي اليڪشن ڌانڌلي سان کٽي، اها ڌانڌلي سپريم ڪورٽ به ڊڪليئر ڪري چڪي آه??. چوڌري فواد حسين مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر کي مشورو ڏنو ته اهي فلمون ٺاهڻ جو ڪاروبار شروع ڪري ڇڏين، سياست انهن جي وس جي ڳالهه نه آه??. هن چيو ته جڏهن به انهن جي خلاف ڪو ڪيس کلي ٿو ته ڪا نه ڪا وڊيو سامهون اچي وڃي ٿي، بعد ۾ خبر پوي ٿي ته اها وڊيو جعلي هئي. هن چيو ته (ن) ليگ اهڙن حربن سان عدليه ۽ فوج تي دٻاءُ وجهڻ چاهي ٿي. هن چيو ته اسان جي هر علائقي ۾ فوجي ۽ غازي موجود آه??، فوج جا جوان سيني تي گولي کائڻ جي لاءِ تيار رهن ٿا، ڇاتي تاڻي سرحدن تي بيٺل هوندا آه??، انهن کي ڪير بليڪ ميل ڪري سگهي ٿو؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاناما پيپرز ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز جي ملڪيتن جو انڪشاف ٿيو، انهن جون ملڪيتون اهڙن علائقن ۾ سامهون آيون جتي برطانيا جو وزيراعظم به شايد ملڪيت خريد نه ڪري سگهي، انهن ملڪيتن جي انڪشاف کانپوءِ مريم نواز چيو ته ان جي لنڊن ته ڇا پ??ڪس??ان ۾ به ڪا ملڪيت نه آه??. چوڌري فواد حسين چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز وٽ انهن ملڪيتن جا ثبوت ئي موجود نه آه??، رسيدون آه?? ته اهي سامهون آڻين، نه آه?? ته انهن کي ڦريل پئسو واپس ڪرڻو پوندو يا جيل وڃڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پ??ڪس??ان ۾ عمران خان جي مقابلي جو ڪو ليڊر موجود نه آه??، گوادر، پشاور، ڪرا??ي، حيدرآباد، سکر سميت پوري ملڪ ۾ عمران خان جو ووٽ بئنڪ موجود آه??، جيڪڏهن ڪير ملڪ کي ترقي ڏئي سگهي ٿو ته اهو عمران خان آه??. هن چيو ته پي ٽي آءِ واحد سياسي پارٽي آه?? جيڪا وفاق جي علامت آه??، عمران خان واحد ليڊر آه?? جيڪو فرقيواريت ۽ صوبائيت جي ڳالهه نه ٿو ڪري، رڳو پ??ڪس??ان جي ڳالهه ڪري ٿو. هن چيو ته پ??ڪس??ان تحريڪ انصاف کانسواءِ ڪا سياسي پارٽي اهڙي نه آه?? جيڪا سمورين سيٽن تي پنهنجا چونڊ اميدوار بيهاري سگهي، پيپلزپارٽي اندرون سنڌ جي پارٽي بڻجي رهجي وئي آه??. چوڌري فواد حسين چيو ته پ??ڪس??ان تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجا 5 سال پورا ڪندي، ايندڙ اليڪشن ۾ به ان جو ڪو مقابل نه آه??. هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ مهانگائي جو بنيادي سبب اڳوڻن دورن ۾ ڪئي ويندڙ ڪرپشن آه??، اڳوڻي دور ۾ ڪرپشن جي ڪري ملڪ ۾ اڄ معاشي مسئلا درپيش آه??. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪنداسين. هن چيو ته تعلقي پنڊ دادن خان کي ٽن سالن دوران اسان جهڙي طريقي سان تبديل ڪيو آه??، ان جو مث??ل نه ٿو ملي، پنڊ دادن خان ۾ 61 ارب رپين جا منصوبا ٽن سالن دوران ڏنا ويا، 43 ارب رپين جي جلال پور واهه منصوبي سان علائقي ۾ لکين ايڪڙ زمين سيراب ٿيندي. مارچ 2023ع ۾ ان منصوبي جو پهريون فيز مڪمل ٿي ويندو ۽ زمينن کي پاڻي ملڻ شروع ٿي ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مون هن علائقي جي ماڻهن کي چيو هو ته اهي پنهنجون زمينون وڪرو نه ڪن، اڄ علائقي ۾ ترقياتي ڪمن جي ڪري هتان جي زمينن جي ريٽ ۾ به اضاف ٿيو آه??. هن چيو ته علائقي ۾ ٻارن جي لاءِ تعليمي ادارن جون سهولتون به فراهم ڪيون پيون وڃن، اسڪولن ۽ ڪاليجن جي قيام سان ٻارن کي اعليٰ تعليم جي لاءِ بين علائقن ۾ وڃڻو نه پوندو. ان موقعي تي علائقي جي معززين پڻ خطاب ڪيو ۽ تڪ جي ترقي جي لاءِ اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جي ڪوششن کي ساراهيو. علائقي جي اڳواڻن چيو ته تڪ جي 50 سالا تاريخ ۾ ڪو اهڙو ليڊر نه آيو جنهن چوڌري فواد حسين وانگر علائقي جي ترقي جي لاءِ قدم کنيا هجن. هن چيو ته چوڌري فواد حسين اسان جي چونڊ آه??، انشاءَ الله سندس سرپرستي ۾ هي خطو ترقي ۽ خوشحالي طرف گامزن ٿيندو.