اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان وزيراعظم جي بين المذاهب هم آهنگي جي خاص نمائندي حافظ طاهر محمود اشرفي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ رحمت العالمينﷺاٿارٽي جي قيام، مسلمان امت کي درپيش ??سئ??ن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته وزيراعظم جو سيرت رحمت العالمين ﷺ اٿارٽي جي قيام ۽ عشره رحمت العالمين ﷺ ملهائڻ جو اعلان انتهائي خوش آئنده قدم آهي، عشره رحمت العالمين ﷺ ملهائڻ وزيراعظم عمران خان جو خاتم النبيين ﷺ سان والهاڻي عقيدت جو اظهار آهي. هن چيو ته اولهه ۾ اسلامو فوبيا کي روڪڻ لاءِ مذهبن ج?? وچ ۾ هم آهنگي جي فروغ وقت جي اهم ضرورت آهي، سيرت الن??ي ?? تي عمل پيرا ٿي مسلمان دنيا کي درپيش ??سئ??ن تي ضآبطو آڻي سگهجي ٿو، هن چيو ته هڪ پرامن اسلامي معاشري کي جوڙڻ لاءِ نوجوانن کي سيرت الن??ي ?? کان آگاهي ضروري آهي، حافظ طاهر اشرفي چيو ته رحمت العالمين ﷺ اٿارٽي جو قيام ۽ عشره رحمت العالمين ﷺ ملهائڻ جي قدم جو ملڪ جي اندر ۽ ملڪ جي ٻاهر آجيان ڪئي وئي آهي. نومبر جي پهرين هفتي ۾ سيرت الن??ي ?? ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي، طاهر اشرفي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي سيرت الن??ي ?? ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ۽ چيو ته ربيع الاول جي مهيني ۾ سڄي ملڪ ۾ سيرت الن??ي ?? ڪانفرنسن جو انعقاد ڪيو ويندو.