اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان سان ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ??رين ملاقات ڪئي آهي، ملاقات ۾ اثاثا مئنيجمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي و??ير??عظم عمران خان قيمتي قومي اثاثن جي پيداواري استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن پاڪستان جي قيمتي تاريخي ۽ ثقافتي اثاثن مان ڀرپور فائدو کڻندي ملڪ ۾ سياحت جي شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي. و??ير??عظم بورڊ آف انويسٽمينٽ (بي او آءِ) کي موثر بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ملڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي يقيني بڻايو وڃي. ان موقعي تي ناڻي واري وزير پاران و??ير??عظم کي ملڪ جي موجوده معاشڊي ??ورتحال تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. و??ير??عظم ملڪ ۾ عام ماڻهن کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.