اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪ جي بدانتظامي جي خلاف شڪايت تي بينڪنگ محتسب پاران مناسب ڪارروائي نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي معاملي تي قانون ۽ انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. اي??ان صدر ??ي ميڊيا ونگ موجب لاهور جي رهواسي عورت روبي انوار حبيب بئنڪ ۾ پنهنجي اڪائونٽ مان 140000 روپين جي رقم بنا اجازت منتقل ڪرڻ ۽ بئنڪ جي بدانتظامي تي ڪا به ڪارروائي نه ٿيڻ جي شڪايت ڪئي، هن ب??نڪ??گ محتسب کي پنهنجي شڪايت ۾ ٻڌايو ته لاڳاپيل بئنڪ جي سامهون ان بدانتظامي جو معاملو اٿاريو ويو پر کيس ڪو به رليف نه ڏنو ويو. ب??نڪ??گ محتسب مناسب جاچ کانسواءِ ۽ شڪايت ڪندڙ کي ٻڌڻ کانسواءِ ڪيس بند ڪري ڇڏيو جنهن تي شڪايت ڪندڙ ب??نڪ??گ محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل ڪئي.