فيصل آباد – پهرين مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي و??ير ميان فرخ حبيب شهر جي مختلف يوٽيلٽي اسٽورز جو اوچتو دورو ڪيو ۽ اتي موجود شين جي ڪوالٽي ۽ وزن ۽ اگهه چيڪ ڪيا جڏهن ته خريدارن کان شين جي قيمتن ۽ معيار بابت پڻ معلوم ڪيو. مملڪتي و??ير يوٽيلٽي اسٽورز جي سمن آباد ڦاٽڪ وي??هو ۽ سمندري روڊ چناب گا??ڊن ڪالوني برانچز ۾ ويو ۽ اتي دستياب شين جو جائزو ورتو. هن خريداري ۾ مصروف شهرين کان کاڌي پيتي جي شين جي مقدار ۽ معيار بابت معلوم ڪيو ۽ ڪجهه پيڪ شين جو وزن ڪري انهن جي مقدار چيڪ ڪرڻ سميت انهن تي لکيل تياري جي تاريخ پڻ چيڪ ڪئي.