اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز مخال?? ڌر پاران ڪوويڊ – 19 بابت پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس جي بائيڪاٽ کي غيرذميواراڻي سياست قرار ڏيندي چيو آهي ته ان عمل مان ثابت ٿي ويو ته مخال?? ڌر پارٽيون پارليامينٽ تي به اعتماد نه ٿيون ڪن، مخال?? ڌر کي ان غيرذميواري تي سڄي قوم کي جواب ڏيڻو پوندو، حڪومت پنهنجي پاليسي ۽ موقف تي مضبوطي سان بيٺل آهي، مخال?? ڌر سان يا مخال?? ڌر کانسواءِ عو??م جي ڀلائي، روزگار جي حفاظت يقيني بڻائينداسين، بدقسمتي سان جمهوريت جا دعويدار هر معاملي کي سياست جو رنگ ڏين ٿا، عدالت جي فيصلي، حڪومتي ايس او پيز جي خلاف ورزي تي پي ڊي ايم پشاور جلسي جي منتظمين ۽ شرڪت ڪندڙ قائدين جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو. ڄاڻي واڻي عو??م جي جان کي خطري ۾ وجهندڙ قومي ڏوهاري آهن، ملڪ ۾ ڪورونا جي ٻي لهر شديد ترين لهر اچي چڪي آهي، ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ احتياط ئي واحد رستو آه??، وزيراعظم عمران خان جي ويزن موج?? حڪومت عو??م جي جان، روزگار، معاشي سرگرمين جو تحفظ هر صورت ۾ يقيني بڻائيندي، ان جي لاءِ سخت پابنديون پڻ لڳايون وينديون. هو ڪوويڊ – 19 بابت پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس جي حوالي سان بريفنگ ڏ??ي رهيو هو.